ديوان جعفري

ديوان جعفري (ڪتاب): هي اردو غزلن جو ديوان سنڌ جي آخري تاجدار مير محمد نصير خان ٽالپر جو چيل آهي، جنهن جو ذڪر ’تڪمله مقالات الشعراءِ‘ ۽ ٻين مستند ڪتابن ۾ آهي، هي ديوان اڃا تائين قلمي صورت ۾ سنڌ جي نامور اديب، محقق ۽ شاعر مرزا عباس علي بيگ جي ڪتبخاني ۾ موجود آهي، اهو ديوان مرتب به مرزا عباس علي بيگ جو ڪيل آهي. هن ديوان ۾ 150 کان مٿي غزل، 12 مسدس، 5 مخمس ۽ هڪ مثلث اردو ٻوليءَ ۾ آهن. هي ديوان مير نصير خان ڪلڪتي ۾ نظر بنديءَ واري دور ۾ تصنيف ڪيو ۽ انهيءَ ديوان جي مڪمل ڪرڻ کانپوءِ مير نصير خان ٽالپر جلد وفات ڪري ويو. ديوان ترتيب جي لحاظ کان حروف تهجي الف- ب ترتيبوار رديفن مطابق رکيل آهن.
ديوان ۾ موجود شعر نهايت ئي درد انگيز ۽ ڏک جھڙا آهن، ڪٿي ڪٿي مير نصير خان ٽالپر غزلن ۾ پنهنجي جلاوطنيءَ ۽ نظربنديءَ بابت درد ڀريا شعر چيا آهن. هڪڙو مسدس حضرت عباس ابن علي عليه اسلام جي شان ۾ به آهي، جنهن ۾ مير صاحب هر بند ۾ قيد مان آزاد ٿيڻ ۽ وطن ورڻ جي دعا گھري آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو